چونڊ ادبي مضمون

چونڊ ادبي مضمون

چونڊ ادبي مضمون

چونڊ ادبي مضمون: سائين جي. ايم. سيد جو هي ڪتاب، سندس 1933ع کان 1960ع تائين جي چونڊ ادبي مضمونن ۽ ولايت مان لکيل خطن تي مشتمل آهي. ڪتاب، جي. ايم. سيد پنهنجي هم خيال ۽ وڇڙيل دوست مرحومه مد مزيل طريقيءَ جي نالي سان منسوب ڪيو آهي، جنهن جي بي وقتائتي موت سندس زندگيءَ ۾ انقلاب آڻي، شخصي مجاز جي بي ثباتيءَ ۽ عارضي پڻي کي اکين اڳيان آڻي، ’لا حب الافلين‘ (فنا پذير شين سان محبت نه ڪجي) جي حقيقت کان کيس روشناس ڪرايو هو.
هـن ڪـتـاب ۾ شـامــل مـضمـونـن جــو سـٽــاءَ هيٺينءَ ريت آهي: (1) ’مجازي مرحلا‘ (2) ’ولايت جا چونڊ خط‘ (ماسڪو، لنڊن، پرٽ (اسڪاٽلينڊ)، انورنيس (اسڪاٽلينڊ) لاڪ آ، هئمبرڪ (جرمني)، ڪئنٽن (چين)، پيڪنگ (چين)، شنگهائي (چين)، پونڪهاري (فنلينڊ) فرانس ۽ ترڪيءَ مان شيخ عبدالمجيد سنڌي کي لکيل 14 خط، جيڪي روزاني ’الوحيـد‘ اخبار ۾ شـايــع ٿيــا)، (3) ’ڀٽ شاهه تي ســنـڌي ثـقافـت جــو مـرڪز‘ (1954ع ۾ ڀـٽ شــاهـه ثـقـافتــي مـرڪــز بابـت ڪيل تقرير) (4) سنڌي ادب ڇو ۽ ڇا لاءِ؟ (28 جنوري 1956ع تي ميرپور بٺوري ۾ ٿيل ادبي ڪانفرنس ۾ ڪيل افتتاحي تقرير) (5) بندي خاني جا ڏينهن (1955ع جي مهراڻ ۾ جيل جي تجربن بابت ڇپيل مضمون.) ڊيمي سائيز جي 134 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو، نئين سنڌ پبليڪيشن ڪراچي، نومبر 1974ع ۾ ڇپايو، جنهن جي اُن وقت قيمت ڇهه روپيا هئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو